سیئول:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)ڏکڻ ڪوريا ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ زندگي جي نظام کي سخت متاثر ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڏکڻ ڪوريا ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي ڪري ڪيترائي علائقا ۽ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
انتظاميا انهن برساتن کي غير موسمي قرار ڏيندي چيو آهي ته برساتن سبب مختلف حادثن ۾ هاڻي تائين 4 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ لڳ ڀڳ 1300 ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
انتظاميا موجب، ٻہ فوت ٿيل بزرگ شهري 80 سالن جي عمر جا هئا، جڏهن ته ٽيون شخص ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿيو ۽ چوٿون دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو.
ان کان علاوه، مينهن جي ڪري ٿيندڙ مختلف حادثن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا.
موسمياتي ايجنسي چيو ته ملڪ جي اولهه واري ساحل تي واقع سوون شهر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جتي صرف اڌ ڏينهن ۾ 400 ملي ميٽر کان وڌيڪ مينهن پيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language