ھنوئي:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)ويٽنام ۾ خراب موسم سبب ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 34 ماڻهو فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اهو واقعو ويٽنام جي مشهور سياحتي علائقي هالونگ بي ۾ پيش آيو، جتي خراب موسم سبب هڪ سياحتي ٻيڙي ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 34 سياح فوت ٿي ويا.
رپورٽ موجب، ٻڏندڙ ٻيڙي 'ونڊر سي' ۾ ڪل 53 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 5 عملي جا ميمبر شامل هئا، جن مان 11 ماڻهن کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته 8 ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻيڙي تي سوار گهڻا ماڻهو ويٽنام جا هئا ۽ سياحت لاءِ راڄڌاني هانوئي کان آيا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language