welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايران جي فارس صوبي ۾ مسافر بس حادثي جو شڪار، 21 ڄڻا فوت

فيروزآباد:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)ايران ۾ هڪ مسافر بس حادثي ۾ 21 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ايراني ميڊيا موجب، فارس صوبي ۾ فيروز آباد روڊ تي هڪ مسافر بس اونڌي ٿيڻ سبب 21 ماڻهو فوت ۽ 34 زخمي ٿي پيا. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته بس حادثي جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر جاچ جاري آهي. عرب ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب، ايران ۾ ٽرئفڪ حادثن جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌيڪ آهي ۽ هر سال تقريبن 17,000 ماڻهو حادثن ۾ مرن ٿا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے