
غزہ:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)غزه ۾ اسرائيلي فوج جي جارحيت بند نه ٿي سگهي، قابض فوج اڄ مختلف علائقن تي هوائي حملن ۾ وڌيڪ 104 فلسطيني قتل ڪيا ویا.
اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ 37 ماڻهو شامل آهن جيڪي رفح ۾ فوڊ ايڊ سينٽرن جي ويجهو گڏ ٿيا هئا.
اسرائيلي فوج جي حملي ۾ قتل ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 58,700 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 140,000 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن، جن مان هڪ وڏو انگ عورتون ۽ ٻار آهن.
گڏيل قومن جي عالمي خوراڪ پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو ته غزه ۾ خوراڪ جي سخت کوٽ آهي ۽ هر 3 مان هڪ ماڻهو ڪيترن ئي ڏينهن کان کاڌي کان محروم آهي.
گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (UNRWA) چيو آهي ته ان وٽ غزه جي آبادي لاءِ کاڌو آهي، پر اسرائيل جي بندش جي ڪري، اهو مصر ذريعي غزه تائين امداد پهچائڻ جي قابل ناهي.
ان دوران، حماس چيو آهي ته ان هڪ جنگ بندي معاهدي جي آڇ ڪئي هئي جنهن جي تحت سڀني يرغمالين کي آزاد ڪري سگهجي ٿو، پر اسرائيل هن تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. حماس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته اهو هڪ ڊگهي جنگ لاءِ تيار آهي.
ٻئي طرف، برطانيه ۾ فلسطين ايڪشن گروپ جي حق ۾ هڪ وڏو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ هزارين شهري لنڊن، ايڊنبرا، مانچسٽر، برسٽل ۾ روڊن تي نڪتا ۽ مطالبو ڪيو ته فلسطين ايڪشن کي دهشتگردن جي فهرست مان ڪڍيو وڃي.
انهن مظاهرن جو مقصد ان فيصلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ هو جنهن جي تحت برطانوي حڪومت فلسطين ايڪشن گروپ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي، جڏهن ته، پوليس مظاهرين خلاف ڪارروائي ڪئي ۽ 63 ماڻهن کي گرفتار ڪيو.
ياد رکڻ گهرجي ته برطانيه هن مهيني فلسطين ايڪشن کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language