welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪيترن سالن کان نيها جي نالي سان هندستان ۾ رهندڙ،عبدالڪلام نڪتو، گرفتار

ڀوپال:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)بنگلاديشي شهري عبدالڪلام، جيڪو ڪيترن سالن تائين نيها جي نالي سان هندستان ۾ رهيو، پوليس طرفان گرفتار ڪيو ويو آهي. هندستاني ميڊيا موجب، عبدالڪلام 10 سالن جي عمر ۾ بنگلاديش کان هندستان آيو ۽ تقريبن 20 سالن تائين ممبئي ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ هو ڀوپال منتقل ٿي ويو، جتي هن پنهنجي سڃاڻپ هڪ ٽرانس جينڊر عورت جي طور تي رجسٽر ڪئي ۽ نيها جي نالي سان رهڻ شروع ڪيو. هو مقامي ٽرانس جينڊر برادري جو حصو پڻ بڻجي وئي. عبدالڪلام هڪ هندستاني شهري جي طور تي سڀئي قانوني دستاويز پڻ حاصل ڪيا، جن ۾ راشن ڪارڊ، ووٽر آئي ڊي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ شامل آهن. پوليس موجب، عبدالڪلام هندستاني پاسپورٽ استعمال ڪندي بنگلاديش جا ڪيترائي سفر پڻ ڪيا، جنهن دوران هن تي ڪڏهن به شڪ نه ٿيو. هندستاني ميڊيا موجب، پوليس هڪ خفيه آپريشن دوران عبدالڪلام کي گرفتار ڪيو. سندس خلاف هندستان ۾ غير قانوني داخلا، جعلسازي ۽ قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي الزامن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي جاچ جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے