welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

رائونتي ڀرسان 12 هٿياربندن جو گهر تي حملو، ڦر جي ڪوشش: مزاحمت تي همراهه قتل

رائونتي :(آچر 20 جولاءِ 2025ع)ماڇڪو ٿاڻي جي حد نورشاهه جي علائقي ڳوٺ رئيس شير محمد ۾ منٺار سولنگي جي گهر مٿان رات دير سان 12 کان مٿي اڻڃاتل هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي گوليون لڳڻ سبب گهر ۾ ستل منٺار سولنگي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته هڪ ڄڻو جبار سولنگي زخمي ٿي پيو، اطلاع تي ماڇڪو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته ضرور ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن وارثن جو چوڻ هو ته رات دير سان چوري ڪرڻ جي ارادي سان 12 کان مٿي اڻڃاتل هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ مزاحمت ڪرڻ تي اسان جي جوان منٺار سولنگي کي قتل ڪري، جڏھن ته جبار سولنگي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ايس ايس پي رحيم يار خان کان مطالبو ڪيون ٿا ته ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويو ويندو، هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے