ڌرم شالا:(جمعو 09 مئي 2025ع)هندستاني رياست هماچل پرديش جي شهر ڌرم شالا ۾ هڪ آءِ پي ايل ميچ جي منسوخي کان پوءِ، افراتفري مچي وئي، رانديگر هڪ ٻئي جي بسن ۾ سوار به ٿيا.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڌرم شالا جي انڊين اسٽيڊيم ۾ ميچ منسوخ ٿيڻ کان پوءِ افراتفري پيدا ٿي وئي. آءِ پي ايل جي رانديگرن کي فوري طور تي بس ۾ چڙهڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ آءِ پي ايل جي فرنچائز ٽيمن جا رانديگر افراتفري واري صورتحال ۾ هڪ ٻئي جي بسن ۾ سوار ٿيا.
ياد رهي ته آءِ پي ايل ۾ پنجاب ڪنگز ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي وچ ۾ ميچ پهرين اننگز جي 11 هين اوور کان پوءِ رد ڪيو ويو هو. ميچ جي خاتمي جو سبب بجلي جي بتين ۾ خرابي کي قرار ڏنو ويو، پر بعد ۾ چيئر ليڊر جي هڪ وڊيو هندستانين جي ڪوڙ کي بي نقاب ڪيو.
پاڪستان تي ڀارت جي حملي کان پوءِ پاڪستاني فوج جي جوابي ڪارروائين جي ڪري ڀارت انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) کي غير معینہ مدت تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language