welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اين اي 130 تان نواز شريف جي ڪاغذن جي منظوري کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو ويو

لاھور: (سومر 01 جنوري 2024ع)سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن تي ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. لاهور جي تڪ اين اي 130 تان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جا ڪاغذ منظور ڪرڻ کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪندي اپيل داخل ڪئي وئي آهي. نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل پاڪستان عوامي محاذ جي سربراهه اشتياق چوڌري ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪئي وئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏنو آهي، هو اليڪشن وڙهڻ جو اهل ناهي، ريٽرننگ آفيسر نواز شريف جا ڪاغذ حقيقتن جي ابتڙ منظور ڪيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے